راولپنڊي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب آرٽس ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي سلسلي ۾ ڊرامو ”اسان جي سڃاڻپ پاڪستان“ پيش ڪيو ??يو. ڊرامي ۾ موجوده دور جي نوجوان نسل کي پاڪستان جي آزادي جي بي قدري ڪندي ڏيکاريو ??يو آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر آرٽس ڪائونسل وقار احمد جو چوڻ هو ت?? پاڪستان آهي ته اسان آهيون، اسان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، دنيا ۾ هر قوم پنهنجي قوميت تي فخر ڪري ٿي، ننڍي کنڊ جي مسلمانن سالن جي جدوجهد ۽ هجرت جي وقت لکين جانين جا نذرانا ڏئي هن ملڪ کي حاصل ڪيو آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد سليمان جو چوڻ هو ته 14 آگسٽ 1947ع ت?? ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي جدا رياسيت نصيب ٿي جتي اهي پنهنجي مذهب موجب زندگي گذاري سگهن.