اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم انڊ??ڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عمران خان جي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عمران حڪومت جي آخري سال پريس فريڊم انڊ??ڪس ۾ پاڪستان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي جڏهن ته پوري حڪومت جي د??ر ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي درجابندي ۾ تنزلي تي نه رڳو عمران خان کي ”صحافت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان جي جمهور??ت به بدن??م ٿي. شهباز شريف چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ته اطلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غيرسرڪاري تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ملڪن جي پنهنجي تازي انڊ??ڪس ۾ پاڪستان کي 157 هين نمبر تي رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊ??ڪس ۾ اهو نمبر 145 ۽ جڏهن عمران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت اهو انڊ??ڪس 139 هو.