اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته منهنجي والد احمد فراز کي پاڪستاني عوا?? کا?? بي مثال محبت ملي، هُن پ??هنجي قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه رکيو، امن، محبت ۽ انسانيت سندس جي ادبي خدمتن ۽ عملي زندگي جو محور رهيو، مون ??ي سدائين پ??هنجي والد جي شاعري مان رهنمائي ملي آهي، نوجوانن کي احمد فراز جي شاعري ۽ تعليم مان فائدو کڻڻ گهرجي، لکندڙن کي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻيون پ??نديون، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ياد رکنديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهره آفا?? شاعر ۽ اديب احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي انهن جي قبر تي حاضري، فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ احمد فراز جي ياد ۾ دعائيه گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.