لاهور – 19 آگسٽ (ا?? پ?? پ??) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور س??ن گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪراسد قيصر ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پارلياماني، حڪومتي ۽ سياسي معاملن سميت ٻين معاملن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ پوليٽيڪل سيڪريٽري ٽو گورنر پنجاب ميان ڪاشف اقبال ۽ پنجاب حڪومت ??ي سوشل ميڊيا فوڪل پرسن ميان انس اسلم ڊوله به موجود هئا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو ته مخالف ڌر کي قومي مفاد ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۾ حڪومت ??و ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت پارليامينٽ سميت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته ادارن جي استحڪام سان ئي پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو، هن جو چوڻ هو ته الحمدالله پاڪستان جو تيزي سان اڄ دنيا ۾ اميج بهتر ٿي رهيو آهي.