اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پوري قوم کي عي??الاضحيٰ جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي اپيل ڪئي آهي ته عي??الاضحيٰ دوران ڪورونا وائرس جي عدم ڦهلاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عي?? جون ڀرپور خوشيون ملهايو پر خدارا پنهنجي ۽ ٻين جي ڀلائي خاطر حفاظتي تدبيرن (ايس او پيز) تي عمل ڪرڻ هرگز نه وساريو.