اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي، آئون مائنس ٿي به ويس ته هي نه بچندا، ڪرسيءَ اچڻ وڃڻ واري شيءَ آهي، ڪڏهن ناهي چيو ته لازمي آهيان پر جيستائين پنهنجي نظريي ۽ اصولن تي ا??ان بيٺل رهنداسين ڪير ا??ان جو ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي، ملڪ جي تشخص کي جيترو نقصان پاڪستان جي ليڊرشپ پهچايو آهي، دشمن به نه ٿو پهچ??ئي سگهي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت ا??ان کي ڪو شڪ نه آهي ته اهو ڀارت ڪيو آهي، ا??ان جون ايجنسيون ه??ئي الرٽ آهن، انهي جي ڪري چئن وڏن واقعن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. قومي اسيم??لي ۾ بجيٽ مڪمل ٿيڻ تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان پارٽي جي اسيم??لي ميمبرن ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سڀني هڪ جذبي ??ان بجيٽ جي منظوري ۾ حصو ورتو آهي. بجيٽ کان هڪ رات اڳ نجي ٽي وي شوز ۾ ائين پيش ڪيو پئي ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ هي حڪومت جو آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته هو عور?? ميمبرن جو به ٿورائتو آهي جيڪي ايوان جي ڪاررو??ئي ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. مون کي پارٽي جي چيف وهپ عامر ڊوگر عور?? ميمبرن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو آهي، آئون اقليتي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي خطاب جي شروع ۾ پاڪستان جي انهن هيروز جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو جن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ وارن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو، سب انسپيڪٽر شاهد شهيد، اسٽاڪ ايڪسچينج جي محافظن افتخار، خدا يار حسن علي تمام وڏي قرباني ڏني آهي، ا??ان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته حسن علي جي ڀيڻ ڀاءُ جي شهادت جي خبر ٻڌي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.