اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ صوبن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، حفاظتي قدمن جي ڪري ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي ٿو، عوام جو ت??او?? حڪومتي ڪوششن کي ڪام??اب بڻائڻ ۾ گهڻو اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجو??ه صورتحال، ايندڙ ڪجه?? ڏينهن جي ڪاٿي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ موجود بيڊز، آڪسيجن، وينٽي ليٽرز ۽ سهولتن جي موجو??ه صورتحال ۽ ان ۾ اضافي لاءِ کنيل قدم?? جو به جائزو ورتو ويو.