اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ ملڪ جي سمورن ايئرپورٽس تي ٻاهرئين ملڪ ??ان پاڪستانين کي آڻڻ جي لاءِ ڪورونا وائرس جي حوالي سان سهولتن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نمائندن سميت سول ايوي ايشن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.