اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي م??ام??ن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب ب??نڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حبيب ب??نڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلطان علي الانا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبيب ب??نڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي م??ام??ن واري وزير وزارت جي م??ام??ن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل م??ام??ن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.