اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني صوبن جي رضامندي کانپوءِ ملڪ ۾ تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند رکڻ، اولين ترجيح طور ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي حفاظتي سامان جي فوري فراهمي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا کي سنڌ حڪومت کي گهربل تعاون فراهم ڪرڻ، رليف پ??ڪي?? ۾ صوبائي حڪومتن جي تعاون لاءِ جامع نظام ٺاهڻ، ڪرونا وائرس بابت نيشنل ڪمانڊ سينٽر ۾ صوبن ۽ وفاق جي نمائندن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ جمعي نماز جي اجتماعن کي محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، مذه??ي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اي?? ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد ??فضل، صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا کي بريفنگ ڏني.