اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن کي واپار ۽ معيشت جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪورين ڪمپنين ۽ ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ج?? سيڙپڪار دوست پاليسين ۽ سهولتن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو وڃي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ڏکڻ ڪوريا جي لاءِ پاڪستان ج?? نامزد سفير ممتاز زهره بلوچ سا?? ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.