اسلام آباد– 30 – ??گس?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده ٻوڏ سبب ملڪ ۾ اٽڪل 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان وڏي چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومت، عالمي برادري ۽ گڏيل قوم?? جي ڊونرز ادار?? جي گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل قوم?? جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري چيو ته سڄي ملڪ ۾ ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جون سرگرمون زورن تي آهن. هن چيو ته ٻوڏ سان تباهي جي شروعاتي جائزي کانپوءِ دنيا، گڏيل قومن ۽ حصيدار ايجنسين کي چئلينج جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان چوماسي ۾ معمول کان ٽيڻ تي وڌيڪ برساتون ٿيون جنه?? جي نتيجي ۾ سنڌ جا 23 ضلعا ۽ بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ پنجاب جا 30 ضلعا ٻوڏ کان متاثر ٿيا. هن ٻوڏ کان متاثر ماڻه?? جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جيل اءِ خيمن ۽ کاڌي پيتي جي شي?? جي کوٽ جو ذڪر ڪيو ۽ امدادي شي?? جي فراهمي ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويل هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي ڪڍڻ هڪ وڏو چئلينج آهي جڏهن ته محدود وسيل?? جي باوجود ان ڏس ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عالمي برادري جي تعاون سان پاڪستان کي ان مشڪل چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن امدادي سرگرمين ۾ پاڪستان حڪومت سان تعاون ڪرڻ تي گڏيل قومن ۽ ا?? جي ادارن جا ٿورا مڃيا. هن امدادي ڪمن ۾ پاڪستاني عوام ۽ سول سوسائٽي پاران مثالي فراخدلي کي پڻ اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ کان بچاءُ ۽ امدادي ڪاررواي?? جي حوالي سان هڪ ڊگهو رستو باقي آهي. چئلينج کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ عالمي ادار?? جي سطح تي گڏيل ڪوششن سان ان مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. بل??ول ڀٽو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي دوري دوران 1.5 ارب رپيا گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اها رقم صوبائي حڪومت جي ڪوششن سان پڄاڻي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي وچ ۾ هم آهنگي جي معاملي بابت سوال تي بل??ول ڀٽو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سسٽم تحت ڊيٽا جي دستيابي جي افاديت جو حوالو ڏنو جنهن سان امدادي سرگرمين کي انجام ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي ٻوڏ جي معاملي تي سياست ڪرڻ جو وقت نه آهي جڏهن ته هن نشاندهي ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهو مدد جا منتظر آهن جڏهن ته صوبائي حڪومت پنهنجي ليڊر عمران خا?? جي لاءِ هيليڪاپٽر جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ مصروف رهي. هن چيو ته موجوده ٻوڏ جي مسئلي قومي معيشت بابت مسئلن کي وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ت?? عوام کي اڳ ۾ ئي مهانگائي جو بار درپيش آهي. بل??ول ڀٽو ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اتحادي حڪومت تمام گهڻن چئلينج?? جي باوجود هن مشڪل کي موثر انداز ۾ منهن ڏيندي. گڏيل قوم?? جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جنهن سنڌ ۽ بلوچستا?? جي علائقن جو به دورو ڪيو، سوين ماڻه?? جي بي گهر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گڏيل قومون ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪندو. هن چيوت ه پاڪستان اڪيلي ان چئلينج تي ضابطو نه ٿو آڻي سگهي ۽ ان سلسلي ۾ عالمي برادري کان تعاون جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان ۾ ”سُپر فلڊز?? ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مناسب حڪمت عملي جي ضرورت آهي. جولين هارنيس چيو ته عالمي اپيل جي ذريعي گڏ ٿيندر فنڊز صحت ۽ هنگامي خدمتن ۽ چوپائي مال جي ويڪسينيش?? جي مسئلن جو احاطو ڪندا. هن چيو ته گڏيل قوم?? جي انساني بنيادن تي ريسپانس سهولتون چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي قومي صلاحيت ۾ مدد ڪنديون. هن چيو ته گڏيل قومون مقامي عملدارن سان تعاون شروع ڪيو آهي جنهن ۾ لسٻيلا، بلوچستان ۾ پاڻي کانسواءِ چوپائي مال جي ويڪسينيش?? جي لاءِ 3 بلين ڊالر جي سپلائي پڻ شامل آهي. هن چيو ته هن انٽرنيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ امداد جي ضرورت ٿي ته گڏيل قومون ان تي ريسپانس ڏيندو. هن چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام جا ماهر سڀاڻي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندا ته جيئن ضرورتن جو جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ گڏيل قومن جو مرڪزي هنگامي امدادي پروگرام شروع ٿيو. موسمياتي تبديلي?? جي حوالي سان هن چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستا?? جي آواز کي موثر انداز ۾ نه ٻڌو ويو هو ۽ دريائي نظام جي انتظام جي حوالي سان وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.