اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلم ۽ ڊرامو پاڪستان جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، فلمون جي ڪهاڻي، معيار ۽ ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ اسان جي قومي فلم پا??يس?? جو حصو آهي، معياري فلمن جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، فلم انڊسٽري کي ٽيڪنالاجي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪنداسين، حڪومت سئنيما گهرن جي بحالي، نئين سئنيما گهرن جي تعمير ۽ فنڪارن کي مراعتون ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ان ڏس ۾ فلمسازن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ سميت فلم انڊسٽري جي جي لاءِ اوزارن جي درآمد ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ امجد جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم انڊسٽري تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي لاءِ ايف بي آر سان ڳالهه ٻولهه جا??ي آهي، جلد ئي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. هن چ??و ته نئين سئنيما گهرن ۽ پروڊڪشن هائوسز کي ٽيڪس ۾ رعايت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه جو ع??ل جا??ي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم انڊسٽري جي سمورين ڌرين سان ٽيڪس ڇوٽ سميت ٻين معاملن تي تمام جلد مشاورت ڪئي ويندي. هن چ??و ته هڪومت ذميواري سنڀاليندي ئي فلم اينڊ ڪلچر پا??يس?? کي بحال ڪيو، اسان فلم کي صنعت جو درجو ڏنو. هن چ??و ته پاڪستاني ۽ چيني فلمسازن جي گڏيل پروڊڪشن شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون. هن وفد کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ فلمسازن جي گڏيل پروڊڪشن شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. هن وفد کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ فلمسازي ۾ت عاون ۽ گڏيو پروڊڪشن جي حوالي سان چ??ني سفير سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ امجد چيو ته سئنيما انڊسٽري جي بحالي لاءِ حڪوم??ي قدمن سان فلم انڊسٽير کي سگهه ملندي. هن چ??و ته پاڪستان فلم انڊسٽري کي ان جي اصل سڃاڻپ ڏيارڻ جي لاءِ حڪمت سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي فلم انڊسٽري کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفاقي وزير وفد جي مطالبن، مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن قدمن جي خاطري ڪرائي. فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي قدمن کي ساراهيو.