اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) جي ميمبر ملڪن کي 55 هي?? آسيان ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪست??ن جو آسيان سان پراڻو تعاون آهي. تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي قائم آسيان هڪ متحرڪ ۽ ٺوس اقصادي برادري ۾ تبديل ٿيو آهي جيڪو علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائي ٿو. پرڏيهي آفيس جي جي ترجمان پار??ن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن آسي??ن جي ميمبر ملڪن کي آسي??ن جي 55 هي?? ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو،. پاڪست??ن جو آسيان سان پراڻو تعلق ۽ تعاون آهي، 1993ع کان پاڪستان سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر جڏهن ته 2004ع کان آسيان ريجنل فورم جو ميمبر آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تعاون جي معاهدي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان آسي??ن جي اڳڀرائي ۽ علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي کي ساراهي ٿو. پنهنجي ويزن ايسٽ ايشيا پاليسي موجب پاڪستان آسيان سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿو جنهن ۾ بهتر رابطا ۽ عوامي سطح تي رابطا شامل آهن. ترجمان چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ 29 هي?? اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت آسيان سان پاڪست??ن جي حصيداري کي اڳتي وڌائ?? جي لاءِ ان عزم جو اظهار آهي.