اسلام ??با?? – 06 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف جاپان سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف وزيرا??ظم آفيس ۾ انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ جاپاني سفير مٽسو هيرو واڊا پڻ ملاقات ۾ موجود هو. 1989ع کان پاڪستان ۾ انڊس موٽر جي سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيرا??ظم لوڪلائيزيسن، نئين مصنوعات جي حوصلا افزائي ?? نئين ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ هائبرڊ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز کي جلد متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي وزيرا??ظم جاپاني ڌر تي زور ڏنو ته هو اهڙن موقعن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائين. ان کان اڳ وزيرا??ظم سان جاپان جي اهم ڪمپنين جي وفد پن ملاقات ڪئي جنهن دوران وزيرا??ظم جاپان سان خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ توانائي واري واري وفاقي وزير خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيس مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي پڻ جوڙي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ آهي.