ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جهاز سازي، انجنيئرنگ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ سميت سمورن شعبن ۾ پا??ست??ن ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي ساراهيو آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪيءَ جي قومي دفاع واري وزير بلوسي اڪار وفد جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سمورن عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي تي پا??ست??ني موقف جي حمايت تي ترڪيءَ جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراع??م لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترڪيءَ جي مهارت ۽ تجربي مان هر ممڪن فائدو کنيو وڃي. هن ترڪيءَ جي حڪومت ۽ عوام جوا سچي دل سان ٿورا مڃي?? ته انهن پا??ست??ن ۾ ڪراچي شپ يارڊ ??هڙن مضبوط ادارن جي ترقي ۾ مدد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو جيڪو ترڪيءَ جي حمايت جي ڪري ڪيترن ئي سالن ۾ منافعو ڪمائيندڙ اداري ۾ تبديل ٿي چڪو آ??ي. دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزر اسرار ترين، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل امجد خان نيازي، وزيراعظم جو اسٽريٽجڪ اينڊ پوليٽيڪل ڪميونيڪشن بابت خاص معاون سيد فهد حسين ۽ ٻيا لاڳاپيل سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.