اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان کي آئين شڪني جي مٿان غنڊا گردي قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين جي گهرجن جي ڳالهه عمران صاحب جي سياسي منافقت آهي، اهي ڪئين دوکا ڏئي ر??يا آهن؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ??ه عمران نيازي قومي اسيمبلي ۾ آئين شڪني ۽ غنڊا گردي ڪري جيڪو شرمناڪ تماشو ڪيو، انهي ک?? پنجاب ۾ ورجايو ويو، هن چيو ??ه عمران نيازي ۽ سندس ڪٺ پتلين جي ر??يي جي ڪري عدالتن جا دروازا آڌي رات جو کوليا ويا، رات جي انڌاري ۾ چورن وانگر هنن آئين ۽ پارليامينٽ تي راتاهو هنيو ته رات جو عدالت لڳي. هن چيو ??ه عمران نيازي ڏينهن جي ر??شن?? ۾ آئين کي پائمال ڪندو آهي ۽ غنڊا گردي ڪندو آهي. وفاقي وزير چيو ته توهين عدالت جا مجرم عدالت کان نوٽيس وٺڻ جون اپيلون ڪهڙي منهن سان ڪري ر??يا آهن؟ پهرين بوگس چونڊن سان ڏوهاري ڪٺ پتلي عمران نيازي پاڪستان تي مڙهيو ويو، پوءِ آئين شڪني ڪري ٻٽو آئيني جرم ڪيو. هن چيو ??ه عمران خان پاڪستان جي عوام جي دولت ڦري، باوقار آئيني عهدي کي فرح گوگي جي ذريعي مال بڻائڻ جو ذريعو بڻايو. عمران نياز?? پنهنجي شيطاني ڪاري ڪردار کي ڏسي جنهن جي تاريخ سدائين مذمت ڪندي ر??ندي. مريم اورنگزيب چيو ??ه عمران خان جي حڪم تي آئيني عهدن جي توهين ڪئي وئي، صدر، گورنر، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سڀني آئ??ن پائمال ڪيو.