اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ??ه اينڪر پرسن جي گرفتاري بابت قياس آرائي شرانگيز پروپيگنڊا مهم جو حصو آهي، شڪ جي بنياد تي پٽيشن داخل ڪندڙن کي ثبوت ڏيڻ گهربا هئا، هي ??مران واري وحشي حڪومت نه آهي ??نهن ۾ صحافين ??ي ٽارگيٽ ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چيو ته اسان جو ٽارگيٽ مهانگائي، بيروزگاري جو خاتمو ۽ معيشت جي بحالي ۽ ترقي آهي، جمهوري حڪومت عوام جي خدمت لاءِ آئي آهي، انتقام وٺڻ لاءِ نه، هن يو ته پي ٽي آءِ جو آئين شڪن، ميڊيا ۽ عوام دشمن ٽولو فيڪ نيوز نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي، چار سال چينل، ڪالم، پروگرام بند ڪرڻ، صحافين جون پاسراٽيون ٽوڙڻ واري آئينو ڏسن، هن چيو ته بي روزگار ٽو??ي وٽ عوام کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، آئين شڪن سياسي طور تي زنده رهڻ لاءِ رد عمل جي سياست تي پساهه کڻي رهيا آهن، مريم ا??رنگزيب چيو ته ڪوڙا ڪوڙ نه ڳالهائين ته پوءِ سياسي طور تي زنده ڪيئن رهن؟.