اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏ??ڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي صدر جي لاڏ??ڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي. صدر مرحوم جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا به ڪئي.