اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ بين المذاهب هم ??هن??ي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ضرورت آهي، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرچ بشپ آف ڪينٽربري جسٽن ويليبي ??لا??ات ڪئي. جنهن ۾ مذهبي ادارن خاص طور تي مسجدن ۽ چرچ جي اهميت تي روشني ??ڌي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي ادارا قومن جي وچ ۾ مذهب هم ??هن??ي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي مختلف مسئلا درپيش آهن، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، دنيا کي انسانيت ۽ امن جي لاءِ ڪم ڪرڻ، ماڻهن جون مصيبتون ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ جي لاءِ ق??من جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پنا??گي??ن جي ميزباني ڪئي. پنا??گي??ن جي سارسنڀال ڪرڻ عالمي برادري جي پڻ اخلاقي ذميواري آهي. آرچ بشپ چيو ته پنا??گي??ن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪنوينشن جي ضرورت آهي.