اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو ??رج?? ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته بي آر ٽي کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو ??رج?? ڏيندي 100 مان 97 نمبرز ڏنا ويا آهن جنهن جو مطلب آهي ته اها سروس اٽڪل هر لحاظ کان عالمي معيارن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پشاور بي آر ٽي شهر ۾ عوامي چرپر جي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آ??ي، آگسٽ 2020ع ۾ ان جي ش??وعات کان هيستائين 71 ملين کان وڌ??ڪ ماڻهو ان مان فائدو کڻي چڪا آهن. روزاني جي بنياد تي اڍائي لک کان وڌ??ڪ شهري ان تي سفر ڪن ٿا جن مان 20 سيڪڙو عورتن کانسواءِ 60 سيڪڙو جو تعلق گهٽ آمدني واري طبقي سان آهي.