اسلام آب??د – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليمي ادارا آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪن، اعليٰ تعليمي ۽ ٽيڪنيڪي ادارن کي انساني وسيلا هنرمند بڻائ?? تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪي تعليمي ۽ باهنر انساني وسيلن جون ضرورتون پورو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي ڪاليجز جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يوني??رس??ي آف ماڊرن لينگويج نمل اسلام آب??د جي باري ۾ بريفنگ دوران چئي، هن چيو ته پاڪستان کي هنرمند افرادي قوت جي گهٽتائي درپيش آهي، دنيا آن لائين تعليم طرف وڌي چڪي آهي، تعليمي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ آن لائين تعليمي ماپو ۽ ورچوئل ڪلاسز جو تعداد وڌائڻي پوندي، صدر چيو ته يوني??رس??ي انتظاميه ختم ٿيندڙ ٻولين جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ قدم کڻي، نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ يوني??رس??ي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته شاگردن ۾ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ تدريس جو تصوراتي نقطه نظر متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته هن وقت 22 هزار شاگرد يوني??رس??ي جي مختلف شعبن ۾ تعليم هيٺ آهن، نمل ڊائريڪٽر آءِ ٽي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي آءِ ٽي کي لينگويج سکڻ ۽ ترجمي ۾ مربوط ٺاهڻ سميت اعليٰ معيار جي تحقيق جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي.