اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته ست سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي نه وساري سگهياسين، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪو به پنهنجا لڙڪ نٿو روڪي سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اي پي ايس سانحي جا شهيد پوري قوم کي دهشت??رد?? جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو، هن چيو ته قوم جي حيثيت سان دهشت??رد?? کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ ڊگهي امن ۽ تر??ي طرف گامزن آه??ون، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.