اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ خميس ڏينهن تحريڪ انصاف جي ڪ??ر ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اجلاس ۾ پارٽي اڪابرين کي ڪامياب پاڪستان، احساس پروگرام ۽ صحت انصاف ڪارڊ تحت مختلف سماجي پروگرامن جي تفصيلن سميت ٻين قدمن تي اعتماد ۾ ورتو ويندو.