جهلم – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ڪنهن هڪ ملڪ جو نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخو??هه کان بلين ٽري سونامي پروگرام شروع ڪيو، ليڊر اهو هون??و آهي جيڪو اليڪشن جو نه پنهنجي ايندڙ نسل جو سوچين??و آهي، وزيراعظم سدائين ماحول جي بهتري ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻ??ئڻ جي ڳالهه ڪئي، ماضي ۾ ڪنهن ملڪ ۾ ماحول جي بهتري جو سوچيو ئي نه هو، اڄ 25 هزار ايڪڙ زمين تي 20 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا، جهلم ۾ ساڍا 10 هزار ايڪڙ زمين ٻيلن لاءِ مخصوص ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان جهلم کان للها ڊبل ڪيرج وي جو تازو ئي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، انشاءَ الله ايندڙ سال هتان جي عوام جي سهولت لاءِ ڊبل ڪيرج وي مڪمل ٿي ويندو، جلال پور ڪينال منصوبو تيزي سان جاري آهي، هڪ لک 78 هزار ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، اڄ اسان جي آبادگارن کي پنهنجي فصلن جي پوري قيمت ملي رهي آهي، زرعي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، اسان جون صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هجوالا فاريسٽ ضلعي جهلم ۾ وزيراعظم جي بلين ٽري سونامي پروگرام تحت ميگا پلانٽيشن ڊي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ بلغاريه جي سفير، ضلعي انتظاميا، ڊپٽي ڪمشنر جهلم، ميڊيا نمائندن، جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن، جهلم جي عوام ۽ اسڪولن جي ٻارن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ماحول جي بهتري جو سوچيو ئي نه ويو هو، وزيراعظم عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن خيبرپختونخو??هه مان بلين ٽري سونامي پروگرام شروع ڪيو، وزيراعظم حلف کڻڻ کانپوءِ سڀ کان اڳ 10 ارب وڻ لڳ??ئڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ليڊر اهو هون??و آهي جيڪو پنهنجي اليڪشن جو نه پر پنهنجي نسل جو سوچين??و آهي ۽ وزيراعظم سدائين ماحول جي بهتري ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻ??ئڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت موسمياتي تبديلي پوري دنيا جو مسئلو آهي، ڪا هڪ قوم يا هڪ ملڪ ان کان متاٿر نه آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پنهنجي نسل کي هڪ بهتر ماحول ڏئي وڃون. هن چيو ته اڄ ڪينسر ۽ س??هه جي بيمارين ۾ اضافي جو وڏو سبب اهو آهي ته ماضي ۾ ماحول جي بهتري لاءِ ڪنهن ڪم نه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم ۾ اسان ساڍا 10 هزار ايڪڙ زمين ٻيلن جي لاءِ مخصوص ڪئي آهي، 2018ع ۾ اسان هتي جيڪي ٻوٽا هنيا هئا اڄ اهي وڌي وڏا وڻ بڻجي چڪا آهن، وڻ ۽ ٻوٽا لڳ??ئڻ سان اڄ هتي زمين ۾ پاڻي جو ٺهراءُ پيدا ٿي ويو آهي، اڄ 25 هزار ايڪڙ زمين تي 20 هزار وڻ لڳايا ويندا. هن چيو ته اسڪولن جا 6 هزار کان وڌيڪ ٻار هتي اڄ پنهنجو قومي فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ موجود آهن جن کي ڏسي تمام ??هڻ?? خوشي ٿي.