اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وف??قي محتسب ج?? آئيسڪو کي 2 لک 84 هزار جي بنا جواز بل واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکندي هدايت ڪئي آهي ته ??علي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث بئنڪ ۽ آئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر دير سان اپيل جمع ڪرائڻ تي آئيسڪو جي درخواست رد ڪري ڇڏي، آئيسڪو 6 بجلي صارفين کي 3 سال پراڻا بل ٻيهر جمع ڪرائڻ جو چيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئيسڪو کي هدايت ڪئي ته ??ها بنا جواز بل واپس وٺي ۽ جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صارفين ٻيهر بل موڪلڻ جي آئيسڪو جي بدانتظامي جي خلاف وف??قي محتسب سان رجوع ڪيو هو جنهن تي وف??قي محتسب بل واپس وٺڻ ۽ عملدارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، آئيسڪو وف??قي محتسب ج?? فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. ڪيس جي تفصيل موجب شڪايت ڪندڙن سيد امير حسين شاهه، وقار حسين، ڪوثر زمان ڪياني، محمد صفدر هيات، سهيل احمد ۽ محمد اصغر خان موقف اختيار ڪيو ته ??ئيسڪو ان حقيقت جي باوجود انهن کي هن سال جنوري ۽ فيبروري ۾ بنا جواز بل موڪليا جڏهن ته هو اهي بل ٽي سال اڳ ئي ادا ڪري چڪا آهن. شڪايت ڪندڙن ان پريشان ڪندڙ صورتحال جي ازالي جي لا??ِ وف??قي محتسب سان رجوع ڪيو. تفصيل موجب بجلي صارفين بل 3 سال اڳ جمع ڪرائي چڪا هئا، صارفين وٽ بل جمع ڪرائڻ جي بئنڪ جون سيدون پڻ موجود هيون، بئنڪ صارفين يو بي ايل اومني جي ذريعي بل جمع ڪرايا، ڊيٽا ۾ رقم ادا ڪرڻ جا ثبوت موجود هئا، بئنڪ صارفين جي جمع ڪيل رقم اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي نه موڪلي. وف??قي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته ??ئنڪ پاران غلي جو ذميوار صارفين کي نه قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ رقم آئيسڪو کي موڪلڻ بئنڪ ۽ اداري جي وچ جو معاملو آهي. صدر وف??قي محتسب ج?? فيصلو برقرا رکندي چيو ته ??ئيسڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ??ن جو اسٽاف ۽ بئنڪ اسٽاف جعلسازي ۾ ملوث هو، جعلسازي ثابت ٿيڻ تي ملوث بئنڪ ۽ آئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.