اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اٽڪ ۾ جديد سهولتن سان ليس ماءُ ٻار اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ماءُ ٻار اسپتال سان اٽڪ ضلع?? جي 20 لک رهواسين خاص طور تي عورتن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون. پنجاب حڪومت 200 بسترن تي ٻڌل اها ماءُ ٻار اسپتال کي 2 سالن جي م??ي ۾ مڪمل ڪندي. ڄاڻايل منصوب?? جي ڪل لاڳت 5.3 ارب رپيا آهي جنهن جي لاءِ اڌ رقم 2.66 ارب رپيا وفاقي حڪومت پنجاب صوبي کي جاري ڪري چڪي آهي.