اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نال??وا??ي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته محسن پاڪستان جي لاڏاڻي تي ڏک آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن انالله واناليه راجعون ??کن??ي چيو ته آئون ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي 1982ع کان ذاتي طور تي سڃاڻان ٿو. هن قوم جي تحفظ لاءِ ائٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ اسان جي بي مثال مدد ڪئي. صدر چيو ته بط??ر احسان مند قوم اسان ان حوالي سان سندس خدمتن کي وساري نه ٿا سگهون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ??ي جنت ۾ جڳهه ڏي.