دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته خطي جي ملڪن خاص طور تاجڪستان جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، جنهن سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، هن اها ڳالهه پاڪستان تاجڪستان بزنس فورم سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به وزيراعظم سان گڏ هو، ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان اهميت رکندڙ فورم واپار واري وزارت، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي تعاون سان منعقد ٿيو، فورم ۾ 67 پاڪستان جڏهن ته 150 تاجڪ ڪمپن??ون شريڪ ٿيون، فورم ۾ شريڪ ڪمپنين جو تعلق ٽيڪسٽائيل، چمڙي جي صنعت، فارماسيوٽيڪل، ايگريڪلچر، مائننگ، ??وئرازم، لاجسٽڪس جي شعبن سان آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان 67 ڪمپن??ون تاجڪستان آ??ون ??هن?? ٻنهي ملڪن جي واپارين کي سهولتون ڏيڻ بابت قدم کنيا ويندا ۽ ڪاروباري ۾ آساني پيدا ڪئي ويندي، تاجڪستان ۾ توانائي خاص طور تي پن بجلي جي حوالي سان تمام گهڻا موقعا موجود ??هن?? بدقمستي سان پاڪستان ۾ بجلي مهانگي آهي، اسان صاف، سستي پن بجلي مان فائدو وٺڻ جا خواهشمند آهيون، ڪاسا 1000 منصوبي تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي، منصوبي جي جلد پڄاڻي چاه??ون ٿا، 80 ملين ڊالر جو گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، حڪومت ڪاروبار لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪ??ون ويند??ون ۽ ڪاروبار ۾ آسان??ون پيدا ڪ??ون وينديون، وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 40 سالن جي جنگ کانپوءِ امن ق??ئم ٿيو آهي. جامع حڪومت جي قيام سان پاڻ ۾ رابطا وڌندا، بزنس فورم ۾ سوالن ۽ جوابن جي ويهڪ به ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ڪاروباري شخصيتن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان ۽ خطي ۾ ڪاروباري موقعا اجاگر ڪيا ويا.