اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ جائزي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهبا?? گل، پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليمي نصاب ۾ شامل س??رت النبي ﷺ جي تعليمات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان ڏس ۾ سمورن مڪتب فڪر خاص طور تي عالم سڳورن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. استادن جي ٽريننگ ۽ امتحانن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم ??مر??ن خان چ??و ته سيرت النبي ﷺ ئي اسان جي نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. آخري نبي ﷺ جي سيرت جو سڀ کان اهم رخ اخلاق ۽ ادب ۽ حسن طرز زندگي آهي. هن چ??و ته سمورن معاشرتي مسئلن جو بهترين حل س??رت النبي ﷺ جي تعليمات ۾ موجود آهي، تاريخ اسلام سان گڏوگڏ رسول الله ﷺ جي حيات مبارڪه مان چ??نڊ سنهري اصول ٻارن کي پڙهايا ۽ سمجهايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي.