اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جن استعيفائن جي ڳالهه ڪئي، اهي آر پار کانپوءِ هاڻي خوار ٿي چڪا آهن، چاچا پير پڪڙڻ، مريم مزاحمت ۽ پوءِ مفاهمت جي ڳالهه ڪري رهي آهي، خاندان ۾ ويڙهه کي ميڊيا تي اچي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جتي جمهوريت ۽ اختيار هوندو آهي، اتي احتساب به هوندو آهي، سڄي قوم ڏٺو آهي نواز شريف جو پاناما ڪيس ۾ معاملو سامهون آيو، ٽرائيل ٿيو، سزائون ٿيون، نواز شريف 8 هفتن جي ضمانت تي لن??ن ويو ۽ اڄ تائ??ن واپس ناهي آيو، جيڪڏهن نواز شريف اپيلن ۾ سنجيده آهي ته پاڪستان آئين ۽ عد??لتن کي منهن ڏي، ملڪ ۾ احتساب ۽ انصاف جي تحريڪ عمران خان شروع ڪئي، ن ليگ جي بريف ڪيس ڪلچر ۽ جسٽس (ر) قيوم ملڪ جي آڊيو ٽي?? موجود آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ پريس ڪانفرنس دوران خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته عد??لتن نواز شريف کي سڄي عد??لتي عمل کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مفرور قرار ڏنو، نوٽيس لنڊن ۾ تعميل ڪرايا ويا، هن چيو ته ان وٽ ته جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، قطري خط کانسواءِ ڪجهه نه آهي. جيڪو عد??لت ۾ پيش ڪري سگهي، پر مريم صفدر هتي اچي عدليه جي آزادي جا ليڪچر ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي، هن چيو ته جڏهن عد??لتن فيصلا ڪيا ته مون کي ڇو ڪڍيو، تحريڪ ڪنهن شروع ڪئي هئي، مريم صفدر هدايتڪار هئي، اعليٰ عدليه جي ججن جي خلاف ن ليگي وزيرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن ڇا ڪجهه نه چيو، جتي فيصلو حق ۾ اچي سٺو ۽ جتي خلاف اچي نظام خراب آهي. انهن کي قانون جي حڪمراني مڃڻي پوندي. هن چيو ته ناصر بٽ جي وڊيو کي ثبوت طور ڇو نه پيش ڪيو ويو. ڪجهه اهڙن معاملن ۾ پويان ڀڄندا آهن، هن چيو ته ن ليگ وارا بجلي جي شعبي ۾ قومي ڏوهه ڪري ويا آهن. پنجاهه سالن ۾ ڪو ڊيم ناهي ٺاهيو ويو، ٽيڪ ۽ پي تي بجلي جا مهانگا منصوبا به انهن ماڻهن لڳايا جنهن جي ڪري ڪيپسٽي پيمنٽ ۾ 15 سئو ارب 2023ع تائين ادا ڪرڻا پوندا، هن چيو ته ماضي ۾ ٽرانسميشن تي ڪا به سيڙپڪاري ناهي ڪئي وئي، 2018ع ۾ 19 هزار ميگاواٽ هئي، اسان پيداوار وڌائڻ ۽ ٽرانسميشن تي ڪم ڪيو ۽ هاڻي پيداوار 27 هزار ميگاواٽ تائين کڻي ويا آهيون.