اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبي فراش ٽائون اپارٽمنٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏي?? آهي. اهو منصوبو ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار سان ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منصوبي ۾ جديد سهولتن سان آر??ست?? 3960 فليٽس ٺاهيا ويندا، جيڪي رهواسين کي سستي رهائشي فراهم ڪندا. 84 اي??ڙ تي ٻڌل ان منصوبي ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب وچولي طبقي ۽ ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ خصوصي طور تي فليٽس مختص ڪيا ويا آهن، منصوبي جي ماحولياتي رخ کي ن??ر ۾ رکندي گرين بيلٽس ۽ پارڪس جي قيام کي به خصوصي ڌيان ڏنو وي?? آهي، وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به لڳايو.