اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڏيون م??يشتون رکندڙ ملڪن کان موسمياتي تبديلين جي چئلينج جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع سوچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته دنيا جي وڏين م??يشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو لمحو هوندو ته هو پاڪستان جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد لاءِ اڳتي ايندا ۽ جيڪي گئس خارج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پوريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ان م??اهدي جي لاءِ وڙهندو جيڪو پنهنجي شهرين ۽ دنيا جي لاءِ آبهوا کان م??فوظ مستقبل فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب برطانوي اخبار دي ٽائمز ۾ شايع پنهن??ي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو ته عالمي آبهوا جي رسڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دوران م??لسل آبهوا جي اثرن کي پاڪستان جي لاءِ اٺين شديد ترين خطرو قرار ڏنو آهي.