اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمرا?? خان ملڪ جي سمورن علائقن جي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ صوبائي ڪابينا ج?? ميمبرن کي خطاب ??ندي هن گلگت بلتستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت کي م??ارڪباد ڏني ۽ علائقي جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته گلگت بلتستان انتهائي خوبصورت علائقو آهي، هتي سياحت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان گلگت ايئرپورٽ جي توسيع جي حوالي سان هڪ منصوبي تي غور ڪري رهيو آهي جنهن جو ڊرافٽ گلگت بلتستان حڪومت سان شيئر ڪيو ويندو.