اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس من??قد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عوام جي رليف، شڪ??يتن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين من??قد ڪرڻ، مال کاتي با??ت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ونڊو آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عوام کي رليف ف??اهم ڪ??ڻ لاءِ قدمن جو عملي طور تي نفاذ ٿي چڪو آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ گورننس جي بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان ۾ تيزي آندي پئي وڃي، وزيراعظم کي خيبرپختونخوا ۾ به شڪ??يتن جي وقت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان جي نتيجي ۾ صوبي ۾ اٽي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي جي با??ي ۾ آگاهه ڪيو ويو.