اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار ٺيڪ نه آهي جيڪو اسان جي ملڪ ج?? سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انجنيئرز جون نوڪريون ڪو وڏو مسئلو نه آهي اصل مسئلو تعليمي ادارن ۾ ناقص تعليمي معيار آهي، هن چيو ته ??ائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي چيو آهي ته ??لڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 يونيورسٽيون اهڙيون هجن جنهن جو سليبس، ڊگري پروگرام ۽ معيار عالمي هجي، هن چيو ته ??ابل ماڻهن لاءِ نوڪريون حاصل ڪرڻ ڪو مشڪ?? نه آهي.