اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا جلوس ڪري وٺي قانون ٽوڙڻ تي سڌو جيل ويندا، رستن تي نڪري عمران خان کي بليڪ ميل ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ ناڪام ٿيندا، مخالف ڌر جو مسئلو جمهوريت ناهي ڪرپشن بچائڻ آهي، ملڪ ترقي جي ??اهه تي گامزن آهي ان لاءِ مخالف ڌر کي ح??ومت ڪيرائڻ جي ??لدي آهي، ڪجهه عنصر سمجهن ٿا ته انهن جي مرضي جيڪو ڪن ۽ انهن کان ڪير به پڇي نٿو سگهي، بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ فيفٽ جي ??والي س??ن قانونسازي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي، نواز شريف ٻاهر وڃڻ لاءِ منٿن جو رستو اختيار ڪيو، اهي ماڻهو ڀارت جو ايجنڊا کڻي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، نواز شريف پاڪ فوج کي پنجاب پوليس ٺاهڻ چاهي ٿو، فوج تي اڱريون کڻندڙن کان پڇان ٿو ته مون کي فوج کان ڇو ڪو مسئلو نه آهي، دهشتگردي جي ??لاف لازوال قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج تي فخر هجڻ گهرجي، ڪو به ملڪ قانون جي ??الادستي کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، وڪيلن کي قا??داعظم جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف لائرز فورم جي ??هتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.