حيدرآباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا تسليم ڪيو ته قائداعظم محمد علي ج??اح جو موقف صحيح ۽ ٻه قومي نظريو هڪ حقيقت آهي، پاڪس??ان ۾ غير مسلم محفوظ ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ پاڪس??ان تحريڪ انصاف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ذميوارن طرفان استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هندس??ان جي ورهاست هڪ ناگزير حقيقت آهي ۽ اڄ ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ٿي رهيو آهي اهو به سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ اقليتن ۽ غيرمسلمانن کي اظهار راءِ جي آزادي کان وٺي جاني ۽ مالي، عزت ۽ آبرو، محفوظ آهي ۽ اسان قائداعظم جي ويزن مطابق ??م ڪري رهيا آهيون ?? اسان لاءِ اهو سٺو سنوڻ آهي ته قائداعظم جو تعلق سنڌ صوبي سان هو. هو هتي پيدا ٿيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي ??پن??ئي آهي. ان ڪامياب حڪمت عملي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.