اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته حڪومت ايم 8 موٽروي تي تعميراتي ڪم پهرين ترجيح طور تي ڪندي. سماجي رابطن جي ??يب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي اڳ ۾ ئي ايم 8 موٽروي جي 26 ارب جي ??اڳت جي 146 ڪلوميٽر هوشاب آواران حصي جي ????ظو??ي ڏئي چڪي آهي. ايم 8 موٽروي سک?? لاڙڪاڻي کي گوادر سان ڳنڍيندو جيڪو هن وقت تعمير هيٺ آهي جڏهن ته گوادر ۽ هوشاب 193 ڪلوميٽر حصي جي تعمير جو افتتاح فيبروري 2016ع ۾ ڪيو ويو هو. اهو منصوبو سنڌ صوبي ۾ رتوديرو کان شروع ٿئي ٿو ۽ خضدار، آواران، هوشاب ۽ تربت کان ٿيندو بلوچستان صوبي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سامونڊي شهر گوادر جي بلڪل اوڀر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.