اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو نه ??ريون هاته 71 ملين وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هلي?? وڃن ها، ڪورونا جي وبا اسان کان گهُر ڪري ٿي ته اسان ڪن??ن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪستان ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪارڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي ??سيمبلي ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪيو آهي ته پارليامينٽ کي اڳتي وڌندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان جو احترام ڪندي اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا تي طلب ڪيو ته جيئن ميمبر پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.