اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پ????اب جي چيف سيڪريٽري ۽ پن??اب جي آءِ جي کي ذخيره اندوزن، ناجائز منافعي خورن جي نشاندهي ۽ انهن کي سزائون ڏيڻ جي حوالي سان قدمن جي هدايت ڪئي آهي، هن مشڪل صورتحال ۾ جيڪ?? ماڻهو ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن انهن کي بي نقاب ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڊيره غازي خان جي سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو.