ليه – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري چڪو آهي، قوم کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون، جيڪڏهن اسان گذريل حڪومتن جي لاءِ قرضن جون قسطون وقت تي نه واپس نه ڪريون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، تعليم، صحت، انصاف ۽ ٿاڻن جو نظ??م بهتر بڻائي رهيا آهيون، 80 هزار ماڻهن کي هر مهيني بنا وياج قرض ۽ 50 هزار غريب نوجوانن کي هر سال اسڪالرشپ ڏينداسين، سڄي ملڪ ۾ مزدور ۽ غريب طبقي ک?? ڇت ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ پناهگاهون تعمير ڪيون پي??ن وڃن، غريب ۽ امير لاءِ هڪجهڙو نصاب آڻي رهيا آهيون، استادن لاءِ جزا ۽ سزا جو نظام آندو پي?? وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ليه ۾ ”احساس اثاثا جات منتقلي پروگرام“جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.