اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پائيدار ترقياتي هدفن لا??ِ پرعزم آهي، جديد دور سان اسان کي هم آهنگ ٿيڻ لاءِ درست رخ جو تعين ڪرڻ ضروري آهي، اسان کي پنهنجي دستاب وسيلن کي موثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي منصوبابندي ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن ڪامسيٽس جي سلور جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.