لاهور – 17 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هڪ مهذب ملڪ آهي، قوم کي جنهن ن??ين پاڪستان جي نويد ٻڌائي وئي هئي هاڻي اهو ٺهندي نظر اچي رهيو آهي، هر شيءَ اولهه کان سکڻ جي ضرور?? نه آهي، اسلام ۾ زندگي جا سڀئي سنهري ??صول موجود آهن، سڀئي شاگرد مبارڪباد جا مستحق آهن، توهان جيڪي ڊزائينگ جا هنر سکيا ان جي گهرج سڄي دنيا ۾ آهي ان اداري ??و مقصد پاڪستان جي شين جي ويليو ايڊيشن ڪرائڻ آهي، ڪنهن شيءَ کي خوبصورت رنگ ۾ وجهڻ، آئيڊياز ڏيڻ ۽ سٺي طريقي سان وڪرو ڪرڻ اهو هنر آهي، ڪووڊ – 19 ۾ دنيا سمجهندي هئي ته پاڪستان ۾ ان بيماري ??ي پکيڙ سڀ کان وڌيڪ هوندي، الله جو شڪر آهي جو پاڪستاني عوام احتياطي تدبيرن ۽ حڪومتي حڪمت عملي جي ڪري ??ن بيماري ??ي ڪافي حد تا??ين ضابطو آڻي ورتو آهي، هو پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائينگ ۽ ڊزا??ين جي ٽ??ين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري ??هيو هو.