اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ پارليماني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ ??يئ??مين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ۾ آن لائن ميٽنگ جي دوران ڪيو، سينيٽ ??يئ??مين چيو ته ٻئي ملڪ غربت، انساني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن ??هڙ?? چئلينجن ل??ءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پارلياماني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ۽ ٻ??هي ملڪن جي پارليامينٽ ان گهڻ رخي فورمز مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.