اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته ڪرونا و??ئرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال هڪ آزمائش آهي، اسان جي قوم گڏجي ان جو مقابلو ڪندي ۽ هڪ عظيم قوم بڻجي اڀرند??، ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو پوندو، ان مقصد لاءِ ڪرونا رليف فنڊ ۽ ٽائيگر فورس جو ڪردار گهڻو اهم آهي، ع??ام ڊسيپلين قائم ڪري ۽ يقين رکي ته انهن جو پئسو ضايع نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي آر واءِ نيٽ ورڪ طرفان وزيراعظم کي ڪرونا رليف فنڊ جي حوالي سان ٽيلي ٿون ٽرانسميشن جي دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪرونا و??ئرس سبب پوري دنيا ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي آهي اهو ڏکيو وقت ضرورت آهي پر مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم ان آزمائش مان هڪ عظيم قومي بڻجي اڀرندي. هن چيو ته ڪا به جنگ حڪومت اڪيلي سر نٿي کٽي سگهي، ان جي لاءِ پوري قوم جو گڏ هجڻ لازمي آهي ۽ ڪرونا و??ئرس جي خلاف جنگ به قوم متحد ٿي وڙهندي. ان مقصد لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.