اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چ??و آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي پهرين مرحلي ۾ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سمورا قرض ميرٽ تي ڏنا ويندا، وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي فر??غ ڏئي فلاح ۽ ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. سماجي رابطن واري و??ب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ خاص معاون ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چ??و آهي ته هي پروگرام مستقبل جي معمارن جي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انهن جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.