اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سالن کان غ??راستعمال ٿيل اربين روپين جي ملڪيتن کي مثبت طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي عوام جي ڀلائي ۽ اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن جهڙين بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ موجوده حڪوم?? جي پاليسي جو اهم جز ??هي. هن چيو ته اربين روپين جي ملڪيتن جي باوجود وف??قي حڪومت جا مختلف ادارا اربين رپين جو ساليانو خسارو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ انهن وڏين قيمتن وارين ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻي ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وزارتن ۽ وف??قي حڪوم?? جي ادارن جي غيراستعمال ٿيل ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.