اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڪووڊ – 19 وبا عالمي معاشي نظام کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي دنيا هاڻي پسمنظر ۾ وڃي چڪي آهي هڪ نئين دنيا سامهون آهي، اس??ن کي ان ۾ احتياط ۽ ڏور انديشي سان داخل ٿيڻو آهي. نسٽ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽيڊيز ۾ ”ويزن ايف او پائيدار امن، جامع ترقي ۽ گڏيل ترقي لاءِ گهڻ رخي سفارتڪاري“ جي موضوع تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته گهڻ رخي سفارتڪاري جهڙو اصلاح نئين رجحانن ۽ حقيقت?? جو عڪاس آهي، دنيا جيڪا ڪجهه ڏهاڪا پهرين هئي، هاڻي ان کان ڪافي مختلف آهي، سفارتڪاري هاڻي رڳو بين الرياستي ناهي ر??ي، هن چيو ته عالمي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي کي هلائڻ جي ر??ايتي ذريعن کي تيز رفتار عالمي ادراڪ جي صنعت پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، گهڻ رخي سفارتڪاري هاڻي معيشت، سائبر اسپيس، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، سائنس کان وٺي ثقافت ۽ ايستائي?? جو ماڻهن کان ماڻهن جي رابطن تائي?? جو احاطو ڪندي آهي جڏهن ته سافٽ پاور پهرين ئي ر??ايتي جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، زندگي جي سمورن شعبن تي انهن جي اثرن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو اس??عمال، عوامي راءِ کي متاثر ڪرڻ ۽ ايجنڊائن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ ڪووڊ – 19 وبا عالمي معاشي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهو صرف عالمي صحت جو بحران نه آهي پر ڊگهي مدي واري جاگرافيائي سياسي تبديلي?? جو سبب بڻجي ر??يو آهي، ڪووڊ ويڪسينز به انهن ملڪن سان سفارتڪاري ۾ مدد ڪئي جيڪي پنهنجي ويڪسينز ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي جي ذريعا ان وبا مان سرخرو ٿيا آهن، هڪ نئين دنيا پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ اس??ن کي احتياط ۽ دور انديشي سان داخل ٿيڻو آهي جڏهن ته هڪ قلبي دنيا هاڻي هڪ عقبي منظر بڻجي چڪي آهي، گهڻ رخو ميڪنزم جيڪو ثالثي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ پهري?? جوڙيو ويو هو پنهنجي اهميت وڃائي ر??يو آهي، جاگرافيائي سياست سان گڏوگڏ ٽيڪنيڪي ترقي جي ڪري توانائي جي سياسي معيشت تيزي سان اڳتي وڌي ر??ي آهي، هن چيو ته گهڻ رخي ادار?? جو ڪمزور هجڻ، سرحدن جي پاليسي ۽ عالمي اتحادين جي ڪشمڪش علائقائي حصيداري کي رستو ڏئي ر??ي آهي، ان جي بدلجندڙ رجحانن جي پس منظر ۾ جاگرافيائي سياست، نون عملن ۽ غور ۽ فڪر کي ترغيب ڏئي ر??ي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اس??ن پنهنجي سفارتي مقصدن کي ٻه طرفه ۽ گهڻ رخي طور تي فعال ۽ مستقل طور تي اڳتي وڌايو آهي، اس??ن سمورن خطن ۾ وڏين طاقتن ۽ اهم حصيدارن سان دوستي کي مضبوط ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم ڪيو آهي، وزيراعظم جي ر??نمائي ۾، پاڪستان پائيدار ۽ برابر ترقي، موسمياتي تبديلي، قرضن کان ڇوٽڪارو، بدعنواني ۽ غير قانوني مالياتي وهڪري سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي مسئلن تي ڀرپور وڪالت سان گڏ گهڻ رخي فورمز تي هڪ مڃيل آواز آهي، هن چيو ته اس??ن پنهنجي جاگرافيائي سياسي اهميت جو فائدو کڻندي جيو اڪنامڪس تي وڌيڪ ڌيان ڏئي اڳتي وڌي ر??يا آهيون.