اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) آزادي ڪشمير تحريڪ جي حوالي سان مظفرآباد ۾ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ تعمير ڪ??و ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر ۾ يادگار شهداءِ جو افتتاح ڪيو. ڪشمير سان يڪجهتي ??ي ڏهاڙي جي موقعي تي يادگار شهداءِ جي افتتاحي تقريب جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو جڏهن ته تقري?? ۾ ??يف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، اپوزيشن اڳواڻ ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻن وزيراعظمن سردار عتيق احمد خان، سردار يعقوب خان، پاڪستان پيپلزپارٽي جي صدر چوڌري لطيف اڪبر سميت وفاقي وزيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. يادگار تي ڪشمير شهداءِ جا نالا لکيل آهن ۽ شهيدن جي قربانين کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪ??و ويو آهي، يادگار شهداءِ تحريڪ آزادي ڪشمير جي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، يادگار جي ڀرپاسي گيلري ۾ والاريل ڪشمير جي حالتن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ??قريب ۾ ڪشميري لوڪ گيت پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ??در کي يادگار شهداءِ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌا??و ويو ته ڀارتي ??ارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي اڄ 915 ڏينهن ٿي چڪا آهن. آزادي ڪشمير تحريڪ جي حوالي سان مظفرآباد ۾ هڪ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ ٺاه??و ويو آهي. اهو موومينٽ ڪشميرين جي لازوال آزادي جي جدوجهد ۽ قربانين جو استعاره آهي. ان موومينٽ کي محمد فاروق ڊيزائن ڪيو آهي جنهن جو تعلق وزيرستان سان آهي، هي موومينٽ تلوچي پارڪ مظفرآباد ڪوهالا روڊ تي ??هي.